close
مواد ڏانھن هلو

ايڪواڊور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف ايڪواڊور

República del Ecuador (اسپيني)
Flag of ايڪواڊور
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '
  • "Dios, patria y libertad" (اسپيني)
  • "Pro Deo, Patria et Libertate" (Latin)
  • "God, homeland and freedom"
ترانو: Salve, Oh Patria (اسپيني)
Hail, Oh Homeland
مڪانيت  ايڪواڊور  (تيز سائو)نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)
مڪانيت  ايڪواڊور  (تيز سائو)

نقشو ڏکڻ آمريڪا  (خاڪي)

جو مقامايڪواڊور
گادي جو هنڌ ڪئيٽو
00°9′S 78°21′W / 0.150°S 78.350°W / -0.150; -78.350
سڀ کان وڏو شهر گئاياڪيل
دفتري ٻوليون اسپيني
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون ڪئچوئا، شوئار ۽ ٻيون ٻوليون جيڪي مقامي ماڻھو ڳالھائيندا آھن[1]
نسلي گروھ ( )
  • 71.9% ميسٽيزو
  • 7.4% مونٽوبيو
  • 7.2% آفريڪي
  • 7% اصل مقامي انڊين باشندا
  • 6.1% لاطيني آمريڪي گورا
  • 0.4% ٻيا
مقامي آبادي ايڪواڊورين
حڪومت وحداني، صدارتي آئيني جمهوريه
 صدر
لينن مورينو
 نائب صدر
ماريا اليجينڊرا وڪونيا
مقننه قومي اسيمبلي
آزادي
 اعلان ٿيو
10 آگسٽ، 1809ع
 اسپين کان
24 مئي، 1822ع
 ڪولمبيا کان
13 مئي، 1830ع
 موجوده آئين
28 سيپٽمبر، 2008ع
پکيڙ
 جملي
[اوزا تبديل: invalid number]a (73rd)
 پاڻي (%)
5
آبادي
 2016 اندازو
16,385,068[2] (65th)
 2010 مردم شماري
14,483,499[3]
  گھاٽائي
58.95 /km2 (152.7 /sq mi) (151st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
 ڪل
194.845 ارب آمريڪي ڊالر[4]
 في سيڪڙو
$11,788[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
 ڪل
$109.759 ارب ڊالر[4] (64th)

ايڪواڊور (Ecuador؛ EK-wə-dor)، سرڪاري نالو "ريپبلڪ آف ايڪواڊور"، ڏکڻ آمريڪا جي اتر اولھ ۾ واقع ھڪ ملڪ آهي، جن جون حدون اتر م ڪولمبيا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ پيرو ۽ اولھه ۾ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. گالاپاگوس ٻيٽ پڻ ھن ملڪ جو حصو آهن، جيڪا پيسفڪ سمنڊ ۾ ايڪواڊور جي زمين کان اولھه طرف 1,000 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آھن. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڪئيٽو ۽ سڀ کان وڏو شھر گئاياڪل آھي.

تاريخ

[سنواريو]

موجوده ايڪواڊور جي سرزمين تي مقامي آمريڪي انڊين قبيلا رھندا ھيا ۽ اھو علائقو پندرهين صدي دوران آھستي آھستي انڪا ايمپائر جو حصو ٿيندو ويو. 1533 ۾ ھي علائقو اسپين جي قبضي هيٺ آيو.

Image
ارڙھين صديءَ جي پينٽنگ ۾ اسپيني دؤر جو ڪئيٽو جو مکيہ چوڪ ڏيکاريل

1563 ۾ ڪئيٽو اسپين جي ڪالوني واري حڪومت جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو. 1717 ۾ ھن علائقي کي نيو گريناڊا واري اسپين جي وائسرائلٽي جو حصو بڻايو ويو.1819 ۾ نيو گريناڊا (ڪولمبياوينزويلا ۽ ڪئيٽو گڏجي اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ۽ 1822 ۾ انھن ٽنھي گڏجي گرين ڪولمبيا جي نالي سان هڪ وفاق جوڙيو جنھن مان ڪئيثو 1830 ۾ ڌار ٿي ويو ۽ نالو تبديل ڪري ريپبلڪ آف ايڪواڊور جي نالي سان ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو.

Image
1824 ۾ گرين ڪولمبيا جو نقشو
Image
ايڪواڊور 1832 ۾

جنھن کان ھو علائقو 1820 ۾ آزاد ٿي گرئين ڪولمبيا جو حصو بڻيو جنھن کان وري 1830 م ڌار ٿي ھڪ خودمختيار رياست بڻجي ويو. 1904 کان 1942 تائين ھن ملڪ پاڙيسري ملڪن سان تڪرارن ۾ ڪافي علائقا وڃايا. 1995 م ھن ملڪ جي پيرو سان سرحدي جنگ شروع ٿي جيڪا 1999 ۾ نبيري سان ختم ٿي وئي.

Image
ايڪواڊورين فوجي سينيپا جي جنگ دوران
Image
ميراج ايف ون جي اي ايڪواڊورين جھاز جنھن 10 فبروري 1995 ۾ جنگ دوران پيرو جا ٻہ جنگي جھاز ڪيرائي تباھ ڪيا

2008 ۾ ھتي نئون آئين جوڙيو ويو. 2017 ۾ عام چونڊون ٿيون جن ۾ صدر لينن مورينو چونڊجي آيو.[5]

جاگرافي

[سنواريو]
Image
ڪوٽوپئڪسي صوبي ۾ واقع هڪ ٻرندڙ جبل

پيرو ۽ ڪولمبيا جي وچ ۾ واقع ھن ڏکڻ آمريڪا جي اولھ پاسي واري ملڪ جي سرحد پيسفڪ سمنڊ سان پڻ ملي ٿي ۽ ان جي جاگرافيائي بيهڪ 2 00 S, 77 30 W ڊگرين تي آھي. ھن ملڪ جي پکيڙ 283561 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 276841 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 6720 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس ان ايراضيءَ ۾ گيلاپاگوس جا ٻيٽ پڻ شامل آھن. دنيا جي ملڪن جي پکيڙ جي ڀيٽ ۾ ھيئ ملڪ 75 نمبر تي آهي.ھن ملڪ جون زميني سرحدون 2237 ڪلوميٽر جن مان 708 ڪلوميٽر ڪولمبيا سان ۽ 1529 پيرو سان لڳيس ٿي. سامونڊي ڪناري جي ڊيگھ 2237 ڪلوميٽر اٿس. سمنڊ اندر حدن جي دعوا 200 ناٽيڪل ميل، ان کان پوءِ معاشي زون بہ 200 ناٽيڪل ميل ۽ بعد م ڪانٽينينٽل شيلف بہ 200 ناٽيڪل ميل آھي. ھن ملڪ جي سراسري بلندي 1117 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان بلند ترين مقام چمبورازو جبل آھي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 6627 ميٽر بلند آھي.[5]

آبهوا

[سنواريو]
Image
ايڪواڊور جي ٽوپوگرافي

سمنڊ ڪناري ھن ملڪ جي آبھوا ٽراپيڪل آھي. اندرين پاسي بلند علائقي م موسم گھڻي ٿڌي رھي ٿي. اميزون ٻيلن واري پاسي بہ آبهوا ٽراپيڪل ھوندي آھي.

زراعت

[سنواريو]

ھن ملڪ جي زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 29.7 سيڪڙو آھي جنھن مان 4.7 سيڪڙو زمين پوکي لائق آھي ۽ ان مان وري 5.6 سيڪڙو مستقل پوکي واري آھي. زرعي زمين جو 19.4 تي مستقل چراگاھون آھن، 19.4 سيڪڙو ٻيلا آھن. 2012 جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي 15000 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري ھئي[5].

آبادي

[سنواريو]

جولاءِ 2017 جي انگن اکرن مطابق ايڪواڊور جي آدمشماري 16,290,913 ھئي. آبادي جي لحاظ کان ھي ملڪ دنيا ۾ 67 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي ايڪواڊورين سڏيندا آهن.ھتان جي 71.9 سيڪڙو آبادي ميسٽيزو (يعني گورن ۽ ريڊ انڊين نسلن جو گڏيل نسل) آھي، 7.4 سيڪڙو ماڻهو مونٽوبيو ، 7 سيڪڙو ريڊ انڊين، 6.1 سيڪڙو گورا، 4.3 ايڪواڊورين آفريڪي، 1.9 ملاٽو، 1 سيڪڙو ڪارا آھن[5]

ٻوليون

[سنواريو]

ھتان جا 93 سيڪڙو ماڻهو اسپينش ٻولي ڳالھائيندا آھن جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي.4.1 سيڪڙو ماڻهو ڪئيچوئا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن.[5]

مذھب

[سنواريو]
Image
اگليسيا ڊي سان سيباسٽيان چرچ جيڪو ڪيوئينڪا ۾ واقع آهي
ايڪواڊور ۾ مذھب[6]
مذھب سيڪڙو
رومنڪيٿولڪ
 
74%
پروٽيسٽنٽ
 
10.4%
لامذھب
 
7.9%
ٻيا
 
6.4%
يھوا جا شاھد
 
1.2%
ڪارا ايڪواڊورين
 
1%
اگنانواد
 
0.1%
ٻيا مذھب
 
0.4%

ھتان جا 74 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن.10.4 سيڪڙو ماڻهو ايوانجليڪل مذھب، 1.2 يھوا جا شاھد(انگريزي: Jehovah's Witness) ۽ 6.4 سيڪڙو ٻڌ ، يھودي، روحانيت پسند، مسلمان، ھندو وغيرہ آهن[5]

حڪومتي ۽ قانوني انتظام

[سنواريو]

ھن ملڪ جو نظام صدارتي آئيني ريپبلڪ وارو آھي. ملڪ ۾ ھيٺيان 24 انتظامي صوبا آھن:

Image
ايڪواڊور جو نقشو
Image
ايڪواڊور جي اولھ ۾ پيسفڪ سمنڊ اندر ٻيٽ
ايڪواڊور جا انتظامي صوبا
صوبو زمين (چورس ڪلوميٽر) آدمشماري(2010)

[7]

گاديءَ جو هنڌ
1 آجوئي
(Azuay)
8,639 702,893 ڪئينڪا
(Cuenca)
2 بوليوار
(Bolivar)
3,254 182,744 گئرانڊا
(Guaranda)
3 ڪينر
(Cañar)
3,908 223,463 اسوگيز
(Azogues)
4 ڪارچي
(Carchi)
3,699 165,659 ٽيولڪن
(Tulcán)
5 چمبورازو
(Chimborazo)
5,287 452,352 ريئو بامبا
(Riobamba)
6 ڪوٽوپئڪسي
(Cotopaxi)
6,569 406,798 ليٽاڪنگا
(Latacunga)
7 ايل وارو
(El Oro)
5,988 588,546 مچالا
(Machala)
8 اسمرالڊاس
(Esmeraldas)
15,216 520,711 اسمرالڊاس
9 گيليپاگوس
(Galápagos)
8,010 22,770 پورٽو بيڪوريزو مورينو
(Puerto Baquerizo Moreno)
10 گئاياس
(Guayas)
17,139 3,573,003 گئاياڪئل
(Guayaquil)
11 امبابورا
(Imbabura)
4,599 400,359 ابرا
(Ibarra)
12 لوجا
(Loja)
11,027 446,743 لوجا
13 لاس ريئاس
(Los Ríos )
6,254 765,274 باباھويو
(Babahoyo)
14 منابي
(Manabí)
18,400 1,345,779 پورٽو ويجو
(Portoviejo)
15 مورونا سانتياگو
(Morona-Santiago)
25,690 147,886 مڪاس
(Macas)
16 نئپو
(Napo)
13,271 104,047 ٽينا
(Tena)
17 اوريلانا
(Orellana)
20,773 137,848 پورٽو فرانسسڪو ڊي اوريلانا
18 پاستازا
(Pastaza)
29,520 84,329 پويو
(Puyo)
19 پچينچا
(Pichincha)
9,494 2,570,201 ڪئيٽو
(Quito)
20 سانتا ايلينا
( Santa Elena)
3,763 301,168 سانتا ايلينا
21 سانتو ڊومنگو ڊي لاس ساچيلاس 3,857 365,965 سانتو ڊومنگو
22 سڪمبيئوس
(Sucumbíos)
18,612 174,522 نوئوا لوجا
(Nueva Loja)
23 تنگوراھئا
(Tungurahua)
3,334 500,775 امباتو
(Ambato)
24 زامورا چنچپي
( Zamora-Chinchipe)
10,556 91,219 زامورا

ھن ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني قومي اسيمبلي آھي جنھن جا 137 رڪن آھن جن مان 116 سڌا سنوان تڪن مان چئن سالن لاء چونڊجي ايندا آهن باقي 15 جي چونڊ سڄي ملڪ مان متناسب بنيادن تي ٿيندي آهي.[5]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Constitución Política de la República del Ecuador". Retrieved September 13, 2014.
  2. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. Retrieved 10 September 2017.
  3. "Ecuadorian census held on November 28, 2010". Archived from the original on سيپٽمبر 30, 2014. Retrieved سيپٽمبر 13, 2014. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (help)
  4. 1 2 3 "Ecuador". International Monetary Fund.
  5. 1 2 3 4 5 6 7 https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/ec.html. {{cite web}}: Missing or empty |title= (help)
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named CIAPAPUANEWGUINEA
  7. "Censo de 2010". Archived from the original on سيپٽمبر 30, 2014. Retrieved سيپٽمبر 13, 2014. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (help)

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]