ویب برائوزر

ویب برائوزر (Web Browser) يا "انٽرنيٽ برائوزر" يا صرف "برائوزر"، هڪ سافٽويئر آهي، جنهن جي مدد سان عالمگير ويب مان ڄاڻ يا گھربل مواد کي حاصل ڪيو ويندو آهي. هر ويب صفحو، تصويرون ۽ وڊيو، مخلتف لوڪيٽر (URL) جي مدد سان ڳنڍيل آهن، جڏهن برائوزر ۾ گھربل عالمي ريسورس لوڪيٽر (URL) لڳائبو ته اها مطلوبه ڄاڻ واپرائيندڙ جي ڪمپيوٽر يا موبائيل تي ڏيکاريندو آهي.
ياد رکو ته ويب برائوزر ڳولا انجڻ ناهن ۽ ان کان مختلف آهن.[1] هڪ واپرائيندڙ لاءِ ڳولا انجڻ صرف هڪ ويب سائيٽ ئي هوندي آهي، جيئن گوگل ڳولا انجڻ، جيڪا ٻين ويب سائيٽن جي متعلق ڄاڻ گڏ ڪندي آهي. گوگل ڳولا انجڻ يا ڪنهن ٻي ويب سائيٽ واري ڄاڻ ڏسڻ لاءِ جنهن اوزار جو استعمال ٿيندو آهي، ان کي برائوزر چيو ويندو آهي.[2]
مشهور ويب برائوزر ۾ گوگل ڪروم (Google Chrome) فائرفاڪس (Firefox)، سفاري (Safari)، انٽرنيٽ ايڪسپلورر (Internet Explorer) ۽ مائڪروسافٽ ايج (Microsoft Edge) شامل آهن.
مارڪيٽ ۾ حصو
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "What is a Browser?". Google (on YouTube). 2009-04-30.
Less than 8% of people who were interviewed on this day knew what a browser was.
- ↑ "Difference Between Search Engine and Browser".
- ↑ "Desktop Browser Market Share Worldwide". StatCounter. Archived from the original on جُولاءِ 12, 2017.
{{cite web}}: Unknown parameter|deadurl=ignored (|url-status=suggested) (help)