close
مواد ڏانھن هلو

ھرمان گوئرنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Reichsmarschall

ھرمان گوئرنگ
Image
گوئرنگ جنوري 1945ع ۾
سورھون جرمني جي ريخسٽاگ جو صدر
عهدي ۾
1 مارچ، 1935ع  23 اپريل 1945ع
صدر
  • پائول فان ھنڊينسبرگ
    (1932–1934)
  • ايڊولف ھٽلر
    (1934–1945، فيوھرر جي طور)
چانسلر
  • ھينرخ بروننگ
  • فرانز فان پاپين
  • ڪرٽ فان شليئشر
  • ايڊولف ھٽلر
پيشرو پائول لوب
جانشين
  • ايرخ ڪوھلر
    (1949ع، اولھ جرمني جي بنڊيسٽاگ جو صدر)
  • جوھانس ڊائيڪمين
    (1949ع اوڀر جرمني جي پارليامينٽ جو صدر)
پروشيا جو منسٽر پريزيڊنٽ
عهدي ۾
10 اپريل 1933ع  23 اپريل 1945ع
گورنر
  • اڊولف ھٽلر پاڻ ريخ جي اسٽيٽ ٿالٽر جي حيثيت ۾
پيشرو فرانز فان پاپين
جانشين عھدو ختم
پروشيا جو ريخ اسٽيٽ ٿالٽر
عهدي ۾
25 اپريل، 1933ع  23 اپريل، 1945ع
وزير اعظم پاڻ
پيشرو ايڊولف ھٽلر
جانشين عھدو ختم
لفتويف جو سپريم ڪمانڊر
فيوھرر ايڊولف ھٽلر
پيشرو عھدو ختم
جانشين رابرٽ رٽر فان گريئم
اضافي عھدا
ريخ جو ٻيلي کاتي وارو وزير
عهدي ۾
جولاءِ 1934ع  23 اپريل 1945ع
صدر
  • پائول فان ھنڊينسبرگ
  • ايڊولف ھٽلر (فيوھرر جي حيثيت ۾)
چانسلر ايڊولف ھٽلر
چار سالا منصوبي وارو ريخ جو مڪمل اختيار وارو سفارتڪار
عهدي ۾
18 آڪٽوبر 1933ع  23 اپريل، 1945ع
رهنما اڊولف ھٽلر as فيوھرر
ريخ جو وزير معاشيات
عهدي ۾
26 نومبر، 1937ع  15 جنوري، 1938ع
چانسلر اڊولف ھٽلر
پيشرو ڊاڪٽر شاخت
جانشين والٿر فونڪ
ريخ جي بچاء واري وزارتي ڪائونسل جو چيئرمين
عهدي ۾
30 آگسٽ 1939ع  23 اپريل 1945ع
رهنما ايڊولف ھٽلر
ھوابازي جي وزارت
عهدي ۾
27 اپريل 1933ع  23 اپريل 1945ع
صدر
  • پائول فان ھنڊينسبرگ
  • اڊولف ھٽلر (فيوھرر جي حيثيت ۾)
چانسلر اڊولف ھٽلر
اوبيرسٽ ايس اي فيوھرر
عهدي ۾
فيبروري 1923ع  نومبر 1923ع
پيشرو ھنس الرخ ڪلنٽزخ
جانشين فرانز فيفر فان سولومن
ذاتي تفصيل
ڄائو ھرمان ولھيم گوئرنگ
12 جنوري 1893(1893-01-12)
روزنھيئم، بويريائي بادشاھت، جرمن ايمپائر
وفات 15 آڪٽوبر 1946 (عمر 53 سال)
نورمبرگ، بويريا، اتحادي قبضي وارو جرمني
وفات جو ڪارڻ خودڪشي
سياسي پارٽي نازي پارٽي (NSDAP; 1922–1945)
زال/مڙس
  • ڪئرن فان ڪانٽزو
    (ش. 1923; و. 1931)
  • ايمي سونيمن
    (ش. 1935)
ٻار ايڊا گوئرنگ
ماءُ پيءُ
  • ھينرخ ارنيسٽ گوئرنگ (پيءُ)
  • فرانزيڪا ٽائيفينبرون (ماء)
مائٽ البرٽ گوئرنگ (ڀاء)
رهائش ڪئرن ھال
پيشو
  • ھواباز
  • سياستدان
ڪابينا ھٽلر جي ڪابينه
دستخط Image
فوجي خدمت
آڻ
سروس/شاخ
پورھئي جا سال
  • 1912–1918
  • 1923–1945
عهدو
ڪمانڊ Jagdgeschwader 1
جنگيون
اعزاز

ھرمان ولھيم گوئرنگ (Hermann Wilhelm Goring؛ جنم: 12 جنوري، 1893ع ۽ وفات: 15 آڪٽوبر، 1946ع) جرمني جو سياسي ۽ فوجي اڳواڻ ھيو جيڪو سال 1933ع کان 1945ع تائين جرمني تي حڪومت ڪندڙ نازي پارٽي ۾ ھڪ طاقتور شخصيت ھيو. پھرين جنگ عظيم جو جھونو ويڙھاڪ پائليٽ جنھن کي "بلو ميڪس" (Pour le Mérite) نالي اعزاز پڻ ملي چڪو ھو.

نازي پارٽي جو شروعات وارو رڪن ھيو جيڪو سال 1923ع واري بغاوت ۾ پڻ شامل ٿيو ھو ۽ زخمي ٿي پيو ھو. علاج دوران کيس مارفين واپرائڻ جي عادت پئي جيڪا مرڻ گھڙيءَ تائين جاري رھيس. سال 1933ع ۾ جڏھن ھٽلر جرمني جو چانسلر ٿيو تہ گوئرنگ ڪابينه جو رڪن ٿيو پر کيس ڪو بہ کاتو نہ ڏنو ويو هو پر کيس گسٽاپو جي قيام واري مرحلي جي نگراني جو ڪم ڏنو ويو ۽ ھن گسٽاپو سال 1934ع ۾ ھينرخ ھملر جي حوالي ڪئي ھئي. نازي رياست جي قيام بعد گوئرنگ رياست جو ٻيون نمبر طاقتور ماڻھو ھيو. ھي جرمني جي ھوائي فوج، "لفتويف" جو ڪمانڊر پڻ مقرر ٿيو ۽ نازي رياست جي خاتمي تائين ان عھدي تي برقرار رھيو.

خاندان، تعليم ۽ نوڪري

[سنواريو]

ھيءُ جرمنيءَ جي بئويريا صوبي جي ڳوٺ روزنھيم ۾ 12 جنوري 1893ع تي ڄائو ھو[1]. ھن جو پيءَ ڏکڻ الھندي آفريڪا جي جرمن ڪالونيءَ ۾ گورنر جنرل ھو[1]. ھن جي پيءُ جو نالو ھينرخ ارنيسٽ گوئرنگ ھيو جيڪو شروعات ۾ جرمن فوج ۾ ڪيولري آفيسر ھيو. ھرمان ان جو چوٿون ۽ ٻي گھرواري مان پھريون ٻار ھيو. جڏھن ھرمان پيدا ٿيو تہ سندس پيءُ ھيٽي ۾ جرمن ڪائونسليٽ جنرل ھيو.

Image
ھرمان گوئرنگ 1907 ۾ 14 سالن جي عمر ۾

اھڙيءَ طرح وڏي بيٺل خاندان جي فرد ھئڻ سبب، ھيءُ بھترين تعليم حاصل ڪري، 21 سالن جي عمر ۾، جرمن فوج جي ھوائي جھازن واري شعبي ۾ نوڪريءَ ۾ گھڙيو. اُتي ھو 1915ع ڌاري اسڪواڊرن ليڊر ٿيو[1]. پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي وقت ھن مخالفن جا ٽيويھ (23) ھوائي جھاز ڪيرايا ھئا، جنھن ڪري ھن کي وڏو تمغو انعام مليو ھو[1].

گوئرنگ جي ھڪ فلم ڪلپ ۾ پھرين جنگ عظيم ۾ فوڪر ڊي.7 جھاز جي ڪاڪپٽ ۾ ويٺل ڏيکاريل

پھرين جنگ عظيم بعد

[سنواريو]

جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ اتحادين جيڪي شرط جرمنن تي مڙھيا ھئا، انھن ۾ ھڪ اُھو به ھو ته گوئرنگ جي ھوائي جھازن جي اسڪواڊرن کي زوريءَ تباھ ڪرايو ويو ھو. ان جو ھن کي سخت صدمو ھو. اُن ڏينھن کان ھن فيصلو ڪيو ھو ته اُن بيعزتيءَ ۽ ظلم جو ھڪ ڏينھن ھو ضرور انتقام وٺندو[1]. ان کان پوءِ جرمنيءَ ۾ حالتون رھڻ جي لائق نه ڏسي، ھي پھرين ڊينمارڪ ۽ پوء سئيڊن وڃي رھيو. ھوائي جھازن جي فوڪر ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪئي. ۽ پوء سويڊن جي سوينسڪ لوفٽريفڪ ايئرلائينز ۾ نوڪري ڪيائين ان بعد اُتي ھڪ خاندان گھر جي عورت بئرونيس ڪرينفاڪ سان شادي ڪيائين. سڄو وقت ان سان وفادار رھندو آيو. اُن جي انتقال بعد ٻي شادي ڪيائين[1]. 1922 ۾ ھي ھٽلر سان مليو ۽ نازي پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.

نازي پارٽي ۽ سياست

[سنواريو]

ھي ھٽلر جي تقرير ٻڌي متاثر ٿي نازي پارٽي ۾ شامل ٿيو ھو. کيس 1923ع ۾ نازي پارٽي جي نيم فوجي ونگ اشٽوما ٽائلنگ (Sturmabteilung) جو سپرہم ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. ان عھدي کي جرمن ٻوليءَ ۾ اوبيرسٽر ايس اي فيوھرر چوندا ھئا. بعد م ھي ان ونگ جو گروپن فيوھرر يعني ليفٽيننٽ جنرل مقرر ٿيو ۽ ان عھدي تي 1945ر تائين فائز رهيو.

ھٽلر سان گڏ

[سنواريو]

جڏھن جرمنيءَ ۾ قومي ھلچل زور ورتو، ته ھيءُ موٽي ملڪ آيو ۽ ھٽلر جو دست راست ٿي، ڪم ڪرڻ لڳو، ۽ نيٺ سندس جنگي صلاحڪار بڻجي ويو. عمدين ڊريسن پھرڻ، سٺي کاڌي کائڻ، نمائشي زندگي گزارڻ سان خاص دلچسپي ھيس. ھن جرمنيءَ جي ھوائي ٻيڙي کي خاص طرح زور وٺايو. جنگي فن ۾ خاص مھارت ھيس[1].

ٻي جنگ عظيم

[سنواريو]

سندس حملا اھڙا رٿائتا ۽ مؤثر ھوندا ھئا، جو ٿوري وقت اندر وڏيون طاقتور فوجون، جرمن حملي جو تاب جھلي نه سگھنديون ھيون[1]. ھزارھا ھوائي جھازن، ٽئنڪن، ھٿياربند گاڏين، موٽر سائيڪل دستن ۽ جديد ھٿيارن سان دشمن تي اچانڪ ۽ ڀرپور حملو ڪندو ھو. آسٽريليا، زيڪوسلويڪيا، بيلجم، ھالنڊ، پولينڊ ۽ فرانس تي انھيءَ طوفاني ڀرپور حملن واري طريقي سان ئي ھُن ٿوري ٿوري عرصي ۾ تسلط ڄمائي ورتو. انگريزن کي ڊنڪرڪ واريءَ شڪست ڏيڻ جو به ھن جي سِر تي سھرو ھو[1]. جيڪڏھن ھٽلر بھترين جرمن ليڊر ثابت ٿيو ته گوئرنگ بھترين فوجي سپھ سالار ھو. گوئرنگ پنھنجي معجزي جھڙين جنگي ڪاميابين سان، جرمن فوج تي بنھ جادو ڪري ڇڏيو، ۽ ھو انڌاڌنڌ سندس پٺيان ھلندا ھئا. گوئرنگ جي جرمن لشڪر ۽ ھٿيارن جو ساريءَ دنيا تي ڌاڪو ويٺل ھو[1].

آخري وقت ۽ موت

[سنواريو]
Image
نورمبرگ جي انصاف واري محل ۾ گوئرنگ جون نڪتل مگ شاٽ تصويرون

جنگ جي خاتمي وقت کيس اتحادي فوج گرفتار ڪيو ۽ ان تي نورمبرگ ۾ جنگي ڏوھن جو مقدمو ھلايو ويو. ھن ڏوھ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

Image
نورمبرگ مقدمي دوران گوئرنگ پھرين قطار ۾ کاٻي پاسي آخر ۾ ويٺل ڏيکاريل

218 ڏينھن تي مشتمل مقدمي جي پوري ٿيڻ تي 30 سيپٽمبر 1946ع تي کيس الزام ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي. گوئرنگ اپيل ڪئي ھئي تہ کيس ڦاسي جي عيوض فوجين وانگر گولي ھڻي ماريو وڃي پر ڪورٽ ان جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ڦاسي واري رات ھن پوٽيشيم سائنائيڊ جو ڪيپسول کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.

Image
گوئرنگ جو لاش

سندس لاش کي چتا ۾ ساڙيو ويو ۽ خاڪ درياء ۾ ڦٽي ڪئي وئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست مصنف: جي ايم سيد؛ ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال: 1978- آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.